صبح جو وزيراعظم هئس، شام جو هائيجيڪر بڻايو ويو: نواز

صبح جو وزيراعظم هئس، شام جو هائيجيڪر بڻايو ويو: نواز

لاهور(ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جو چوڻ آهي ته اسان ترقي پسند ماڻهو آهيون، مان صبح جو وزيراعظم هئس ۽ شام جو هائيجيڪر بڻايو ويو.مسلم ليگ ن جي پارلياماني ڪميٽي جي 12هين اجلاس کي خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته هو پنهنجي ڪيترن ئي ساٿين سان وڏي عرصي کانپوءِ ملاقات ڪري رهيو آهي.نوازشريف چيو آهي ته کيس اها سوچ به نه هئي ته پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي کيس برطرف ڪيو ويندو، نوازشريف چيو آهي ته پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي کيس برطرف ڪيو ويندو.هن چيو ته آئين ۽ قانون ۾ گنجائش نه هجڻ باوجود وزيراعظم کي هٽائڻو پيو، بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ٿي رهي آهي، سي پيڪ پاڪستان اچي رهيو آهي، چيو پيو وڃي ته پاڪستان جي 20 ۾ شامل ٿيندو.اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ آهي ته اسان آءِ ايم ايف کي خدا حافظ چيو، اسان پرڏيهي قرض واپس ڪري رهيا هئاسين، اسان پنهنجي دور ۾ قرض واپس نه ڪيا هئا. اسان پاڪستان ۾ اهي ڪم ڪري سگهون ٿا جيڪي ٻيون قومون نه ٿيون ڪري سگهن، ڪو پڇڻ گهرجي ها ته صبح جو وزير اعظم شام جو هاجيڪر ڪيئن ٿيو؟ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته جيڪا حڪومت آر ٽي ايس ذريعي آئي، اها موٽر وي به نه ٺاهي سگهي، اسان جي حڪومت نه ٽوڙي ها ته ٺاهي وڃي ها، ڪراچي مان دهشتگردي ڪنهن ختم ڪئي؟ سنڌ ۾ اسان ڪوئلو ڪڍيو، ان مان بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي، ڪراچي ۾ اسان 2200 ميگاواٽ جو پاور پلانٽ لڳايو.هن اهو به چيو ته مان چترال جي عوام کان پڇندس ته جيڪڏهن اهي مون کان سرنگ ٺهرائي وري ووٽ ٻئي ڪنهن ڪئين ڏيندا، ڪراچي کان حيدرآباد تائين موٽر وي ٺاهي وئي، اسان غريبن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو