سلطانپور (ن س)سلطانپور لڳ صالحاڻي ۾ ڪلهوڙا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو فائرنگ علائقي ۾ خوف حراس ٻنهي ڌرين جا پنج ماڻهو زخمي زخمين ۾ هڪ ڌر جو اويس، روشن امداد الله ولد عبدالستار ڪلهوڙو جي طبيعت ڳڻتي جوڳي جنهن کي وارثن پنوعاقل سي ايم ايڇ داخل ڪرايو ۽ ٻئي ڌر جي عبدالخالق، نثار احمد ڪلهوڙو شامل آهن جن کي وارث سول اسپتال پنوعاقل علاج لاءِ کڻائي ويا ٻنهي ڌرين جي زخمين کي ڪينٽ ٿاڻي تي آندو ويو جتان ميڊيڪل ليٽر ملڻ بعد (سي ايم ايڇ) ۽ تعلقه اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو هوڏانهن ڪينٽ ٿاڻي تي واقعي جي ٻنهي ڌرين جي الڳ الڳ اين سي رپورٽ داخل ڪئي وئي ٻئي پاسي ڪينٽ پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون اين سي داخل ڪئي وئي آهي ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو










