ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي پارلياماني بورڊ سنڌ لاءِ ايندڙ عام چونڊن ۾ پارٽي طرفان نامزد ڪيل اميدوارن جا انٽرويو شروع ڪري ڇڏيا آهن. ميڊيا سيل بلاول حوثي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پارلياماني بورڊ جو اهم اجلاس اڄ (اڱارو) بلاول هائوس ۾ ٿيو. پيپلز پارٽي عورت جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ اڳوڻي وڏن وزيرن سيد قائم علي شاهه ۽ سيد مراد علي شاهه، پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو، سينيئر اڳواڻ سيد نويد قمر، پ پ پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شازيه عطا مري،سيڪريٽري سينيٽر وقار مهدي، ناصر حسين شاهه، عزيز ڌامراهه، سعيد غني، جاويد ناگوري، منظور حسين وساڻ، مڪيش چاولا، شگفته جماڻي، سينيٽر تاج حيدر، عبدالقادر پٽيل، رخسانه زبيري، نجمي عالم، نعمان شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ڪراچي ڊويزن جي ٽن ضلعن ملير، ڪياماڙي ۽غربي جي اميدوارن جا انٽرويوز ڪيا ويا










