زمينن تي قبضن ۽ ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ خلاف احتجاج

زمينن تي قبضن ۽ ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ خلاف احتجاج

ٽنڊو باگو(پ ر)سنڌ جي زمينن تي قبضن ۽ ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ خلاف سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي سوين ھارين شيل پئٽرول پمپ کان پريس ڪلب ٽنڊو باگو تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو جنهن کي خطاب ڪندي سنڌي ھاري تحريڪ جي اڳواڻن ايسرداس، ڪولهي، ستو ڪولهي، لکمڻ ڪولهي، مرتضا شام مهرڻ درس، ايڊووڪيٽ فاضل زئور ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي ھاري وٽ ھڪ ايڪڙ زمين به ڪونھي، ان جا ٻچا بکن تي آھن پر سنڌ سرڪار ۽ وفاقي سرڪار انھن کي زمينون الاٽ ڪرڻ بدران جديد زراعت جي نالي ۾ عسڪري ادارن ۽ غيرملڪي سرمائيدارن جي حوالي پئي ڪري جيڪو عمل غير قانوني ۽ غير آئيني آھي.هنن وڌيڪ چيو ته ڌارين ۽ ديسي ڀوتارن کان زميـنون واپس وٺي سنڌي بي زمين ھارين ۾ ورھايون وڃن. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ ڪري ھارين ۽ آبادگارن کي لٽيو ڦريو ۽ ڪنگال ڪيو پيو وڃي پر ڪٿي به انتظاميا نظر نٿي اچي، ھارين کي سيٺين جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آھي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ھارين ۽ آبادگارن کي مقرر سرڪاري اگھ تي ڀاڻ ڏنو وڃي ۽ سنڌ ۾ پيل سرڪاري زمينون سنڌي بي زمين هارين کي ڏنيون وڃن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو