ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز تي حملا ڪندڙ ناقابل معافي آهن.بلاول ڀٽو زرداري ڊيرا اسماعيل خان ۾ سڪيورٽي فورسز جي عمارت تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي نرسري کي ختم ڪرڻ لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪيو وڃي.بلاول ڀٽو زرداري دهشتگرد حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي آهي.
دهشتگردي جي رٿابندي ڪندڙن کي ختم ڪيو وڃي: آصف زرداري
ٻئي طرف اڳوڻي صدر آصف زرداري ڊيرا اسماعيل خان ۾ دهشتگردي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي رٿابندي ڪندڙن ۽ نرسرن کي ختم ڪرڻو پوندو.آصف زرداري شهيد جوانن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو آهي.










