اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته طاقت جي استعمال جو اختيار رڳو رياست وٽ آهي، ڪنهن تشدد جو رستو اختيار ڪيو ته ان جو هٿ وڍڻو پوندو،اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب دوران سرفراز بگٽي چيو ته سازشي ڌرين سدائين پاڪستان کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي،هن چيو ته نسلي تعصبن کان مٿاهون ٿي پاڪستان کي اوليت ڏيڻي پوندي،سرفراز بگٽي وڌيڪ چيو ته پاڪستان مان دهشتگرديءَ جو ناسور ختم ڪنداسين










