ڪراچي (ڊيسڪ نيوز) ڪراچي شهر اسٽريٽ ڪرائيم جي ڪري تمام گھڻو مشهور آهي. هڪ ورڪشاپ کي خطاب ڪندي آءِ جي سنڌ پوليس ڊاڪٽر ڪليم امام چيو ته ”مان به ڪراچيءَ ۾ رهندو آهيان ۽ منهنجي ڀاءُ، ڀائيٽي توڙي سَسُ کي به هتي ڦريو ويو آهي. سوچيو! منهنجي سَسُ جا زيور لاٿا ويا هوندا ته پوءِ منهنجي ازدواجي زندگي ڪهڙي رهي هوندي“. آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته مثبت حڪمت عمليءَ ۽ لائحه عمل سان شهر ۾ وڏن ڏوهن تي گهڻي حد تائين ضابطو آندو ويندو آهي جڏهن ته اسٽريٽ ڪرائيم جي خاتمي جي حوالي سان به پوليس ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي. ڊاڪٽر ڪليم امام چيو ته اسٽريٽ ڪرائيم جا ڪيترائي سبب آهن جن کي باضابطه طور تي ختم ڪرڻ ضروري آهي.










