ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم کاتي سياري جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو. صوبائي تعليم کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سياري جون موڪلون 22 کان 31 ڊسمبر تائين هونديون. تعليم کاتي جو چوڻ آهي ته صوبي ۾ تعليمي ادارا سومر پهرين جنوري کان کلندا.










