ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد شپونرز ڪاليج ڀرسان مبينا ڌاڙن جي ڪوشش دوران هڪ مبينا ڌاڙيل مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو.پوليس موجب زخمي جوابدار کي گرفتار ڪري اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.چورن کي ڏسي گهر ۾ ويٺل ماڻهن شور مچايو.پوليس جو چوڻ آهي ته مبينا ڌاڙيلن شور مچائڻ تي گهر جي مالڪ تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو.










