دهشتگردي ٽوڙ قانون هيٺ الطاف تي لنڊن ۾ فرد جرم لاڳو،عدالت ۾ روئي پيو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) لنڊن جي ويسٽ منسٽر مئجسٽريٽ جي عدالت ۾  ايم ڪيو ايم جي باني الطاف حسين تي ڄاڻي واڻي تشدد تي اڪسائڻ ۽ نفرت انگريز تقرير ڪرڻ بابت فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي. الطاف حسين جو الزامن کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. عدالت مٿس سياسي بيان بازي. تقري ۽ سوشل ميڊيا تي تبصرن کان منع ڪندي، بنا اجازت سفر تي پابندي لڳائي ڇڏي. سندس وڪيلن ضمانت جي درخواست جمع ڪرائي جيڪا عدالت .مشروط طورمنظور ڪري ڇڏي. الطاف حسين جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سندس موڪل ڪافي بيمار آهي عدالت ۾ ٻڌڻي دوران هڪ موقعي تي الطاف حسين ڳالهائڻ جي اجازت گهري جج کيس اجازت ڏني ته هن روئڻ شروع ڪيو. جنهن تي جج کيس چيو ته اوهان ويهو اوهان جي طبيعت ٺيڪ نٿي لڳي. عدالت پهرين نومبر کان باضابطه ٻڌڻي ڪندي ۽ امڪان آه ته ٻن هفتن ۾ ٽرائل مڪمل ٿي ويندو. اوهان جا وڪيل توهان جو نقطه نظر پيش ڪندا. ياد رهي ته اڄ هو پوليس وٽ پيش ٿيو ۽ حسب معمول سوالن جا جواب ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ هر سوال تي نو ڪمينٽس چوندو رهيو. جنهن تي پوليس کيس حراست ۾ ورتو ۽ دهشتگردي ٽوڙ  يونٽ فرد جرم بابت ٻڌايو  ۽ حراست ۾ ورتو. لنڊن پوليس جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته مٿس برطانيا جي دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ هيٺ فرد جرم لاڳو ڪئي وئي. هن آگسٽ 2016 ۾ لنڊن مان پاڪستان ۾ پنهنجي حامين کي خطاب ۾ تشدد تي اڪسائڻ بابت تقرير ڪئي هئي. جنهن بعد سندس پارٽي ۾ ڏار پئجي ويا هئا ۽ متحده پاڪستان ۾ ٺهي هئي. ويسٽ منسٽر ۾ سندس آمد کان اڳ ڪجهه حامي پهتا.

جن ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته وڪيلن جي ٽيم الطاف حسين جي ضمانت لاءِ ڪاغذ تيار ڪري ڇڏيا آهن. هوڏانهن اسلام آباد ۾ تعينات برطانوي هاءِ ڪمشنر پرڏيهي کاتي جي وفاقي وزير شاهه محمود قريشي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾  14 آڪٽوبر تي پاڪستان جي دوري تي ايندڙ شهزادو وليم ۽ شهزادي ڪيٽ مڊلٽن جي دوري ۽ لنڊن ۾ الطاف حسين تي فرد جرم سميت مختلف معاملن بابت ڳالهيون ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو