ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر گورک هل منصوبي ۾ بي ضابطگين جو نوٽيس ورتو.سنڌ جي وڏي وزير گورک هل جي فنڊن ۽ اثاثن جي بي بنياد استعمال تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته گورک هل پراجيڪٽ جا فنڊ عوام جي تفريح ۽ سهولت لاءِ آهن، فنڊن جو غلط استعمال ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.هن چيو ته گاڏين ۽ پيٽرول جي استعمال ۾ بي ضابطگيون ٿيون آهن، 18 ڊرائيور پرائيويٽ ماڻهن سان ڊيوٽي ڪن ٿا.جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جو چوڻ آهي ته 140 ملازم آهن پر انهن مان ڪو به ڪم نٿو ڪري، ريسٽورٽ ۾ 12 ڪڪ رکيا ويا آهن، پراجيڪٽ جي بهتري لاءِ ڪم نه پيو ڪيو وڃي.ان حوالي سان سنڌ جي نگران وڏي وزير جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر گورک هل پراجيڪٽ ڊائريڪٽر کي وضاحت پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.










