بدين(ن س) بدين جو واحد فٽبال گراٸونڊ به ڪرپشن جو شڪار ٿي ويو تفصیل موجب بدین شھر ۾ واحد فٽبال گرائونڊ روزانو بدین جانوجوان فٽبال جا کلاڙي پريڪٽس ڪندا آهن ۽ ھر سال ضلعي ۽ صوبائي سطح تي فٽبال جا میچ ۽ٽورنامنٽ منعقد ٿيندا هئا پر گريل سال بدین ۾ طوفاني بارشن جو پاڻي ڀرجڻ جي ڪري ۽ گرائونڊ ھيٺ ھئڻ جي ڪري شھر جي گٽرن جو پاڻي به فٽبال گرائونڊ ۾ جمع ٿيڻ جي ڪري گرائونڊ گندي پاڻي جو تلاء جي شڪل اختیار ڪري ويو آهي جنهن سبب بدین جا فٽبال جا رانديگر فٽبال راند کان محروم ٿي ويا آهن دنيا جي مختلف ملڪن ۾ فٽبال جي مئيچن ۽ ٽورنامنٽن ۾ پاڪستان جي طرفان کڏندڙ بدین شھر سان تعلق رکندڙ نوجوان فٽبال جي رانديگر سني ڀنڀرو ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته مون بدين جي اڳوڻي ڊي سي آغا شاھنواز خان کي درخواست ڪئي جنهن ھن گرائونڊ جي مرمت ۽ مٽي جي ڀرائي لاء 80 لک روپيا بجيٽ رکي ۽ 5 مئي 2023 مٽي جي ڀرائي جو 80 لک جو ٽينڊر پڻ ڪرايو ويو ۽ ڊي سي آفيس ۾ ڊسٽرڪٽ ڊوولپمنٽ کاتي جي ڪرتادرتا مٽي جي ڀرائي جو ٺيڪو پاڻ سندس پڳمٽ دوست ٺيڪيدار جي نالي کنيو ۽ ٽريڪٽر ٽرالين ھڪ ٺيڪيدار کي پيٽي تي ٺيڪو ڏئي ڇڏيو ان پيٽي ٺيڪيدار گرائونڊ جي ھڪ ڪنڊ تي مٽي جون ڪجهه ٽراليون لاٿيون ۽ ڪم ڇڏي ھليو ويو مٽي جي ڀرائي جو ٽينڊر ڪندڙ ڊسٽرڪٽ بلڊنگس کاتي جي ذريعي موجب ته گرائونڊ ۾ صرف ساڊا چار لک روپين جي مٽي لا ٿي ويئي ان جو ويھن لکن روپين جو بل ٺاھي رقم ڪڍي ويئي ۽ باقي سٺ لک روپيا ڪيڏانهن ويا ان جي اڄ تائين ڪاب خبر نه آهي ان کانپوء بدين جي ھن واحد فٽبال گرائونڊ مان پنهنجي مدد پاڻ تحت فٽبال جي رانديگرن گرائونڊ مان پاڻي جي نيڪالي لاء مشين لڳرائي آهي بدين جي نوجوان رانديگرن ۽ شھر جي ساڃاھ وند ماڻهن ڪمشنر حيدر آباد ۽ محتسب اعلي کي اپيل ڪئي آهي بدين جي فٽبال گرائونڊ لاء رکيل 80 لک روپين جي ڪرپشن جي جاچ ڪرائي ھن ۾ ملوث ڪامورن ۽ ٺيڪيدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ فٽبال گرائونڊ جو ڪم مڪمل ڪرايو وڃي










