ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر صحت کاتي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي اڪثر سرڪاري اسپتالن/صحت جي سهولتن جي ناقص ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو جتي نه ته اسٽاف جي حاضري کي يقيني بڻايو ويو ۽ نه ئي ليبارٽريون ۽ آپريشن ٿيٽر صحيح ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪراچي کان سيوهڻ ويندي سکر تائين جي سرڪاري اسپتالن جي دوري دوران مون مڪمل ڳڙٻڙ ۽ ڪيترائي مسئلا ڏٺا جتي ايمرجنسي وارڊن ۾ مرد ۽ عورت مريضن کي ڌار ڌار وارڊن کانسواءِ رکيو ويو ۽ جڏهن حاضري جا رجسٽر چيڪ ڪيا ويا ته گهڻي ڀاڱي اسٽاف غيرحاضر هئا جڏهن ته مريض اسپتالن جي فارميسي مان دوائون خريد ڪري رهيا هئا. اجلاس ۾ وزير قانون عمر سومرو، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، سيڪريٽري ناڻو ڪاظم جتوئي، سيڪريٽري صحت ڊاڪٽر منصور، وائيس چانسلر جي ايس ايم سي ڊاڪٽر امجد سراج، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جي پي ايم سي پروفيسر شاهد رسول، ايس آءِ يو ٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر انور ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. جسٽس باقر چيو ته صوبائي حڪومت 24-2023ع لاءِ صحت کاتي لاءِ 234.29 ارب رپين جي وڏي رقم رکي آهي جنهن مان 53.17 ارب رپيا آپريشنل خرچن لاءِ رکيا ويا آهن. هن اجلاس کان سوال ڪيو ته ڇا اسان سامان جي مرمت ۽ سار سنڀال ذريعي بجيٽ کي عوام جي مفاد ۾ استعمال ڪري رهيا آهيون؟ ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ته ايمبولينسون ڪم نه ڪري رهيون آهن، آپريشن ٿيٽرن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، مريضن کي دوائون نه ڏنيون پيون وڃن ۽ ايتريقدر جو مريضن کي اسپتالن ۾ سرڪاري خرچ تي ٽيسٽ ڪرائڻ بدران پرائيويٽ ليبارٽرين ڏانهن اماڻيو پيو وڃي. وڏي وزير ان ڳالهه تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته صحت کاتي جي واضح هدايتن باوجود هيلٿ آفيسر سهولتن جو معائنو نه ڪري رهيا آهن. هن سيڪريٽري صحت کي چيو ته توهان وٽ ڊي جي هيلٿ، ڊائريڪٽرز، ڊي ايڇ اوز ۽ ايستائين جو ڊائريڪٽوريٽ آف انسپيڪشن آهي پر اڃا تائين هڪ به معائنو نه ڪرائي سگهيا آهيو. جسٽس باقر سيڪريٽري صحت کي هدايت ڪئي ته انسپيڪشن سسٽم کي بهتر ڪري مونکي جلد رپورٽ ڪيو. رينڪ سونپڻ واري تقريب: نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر پاران اي ايس پي گريڊ 17 مان ايس پي گريڊ 18 ۾ ترقي ماڻيندڙ پوليس آفيسرن جي رينڪنگ واري تقريب وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي نگران گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز، آءِ جي پوليس رفعت مختار ۽ ڊي آءِ جي پير محمد شاهه پڻ موجود هئا. جن آفيسرن کي ايس پي جون نيون پوسٽون ڏنيون ويون انهن ۾ احمد فيصل چوڌري، اياز حسين، ظفر صديقي، علينا راجپر ۽ مرزا بلال حسن شامل آهن. ان کان اڳ وڏي وزير 50هين اسپيشل ٽريننگ پروگرام/26هين شروعاتي ڪمانڊ ڪورس جي نون شامل ٿيندڙ پوليس آفيسرن (انڊر ٽريننگ اي ايس پيز) کي خطاب ڪيو جن ساڻس وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وڏي وزير CSS-2021 جي چٽاڀيٽي واري امتحان ۾ نئين ڀرتي ٿيل اي ايس پيز تي زور ڀريو ته هو ايمانداري ۽ محنت سان ڪم ڪن ته جيئن هو پنهنجي ڪيريئر ۾ بهتري آڻي سگهن. هن چيو ته پوليس شعبو هڪ خدمت آهي جنهن ذريعي توهان هڪ پوليس آفيسر جي حيثيت سان غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت کي يقيني بڻائي انهن جي خدمت ڪري سگهو ٿا. ۽ وڌيڪ چيو ته اسان جي سماج کي سٺي پوليس آفيسرن جي ضرورت آهي.










