غير قانوني افغانين سميت سمورا اليگل اميگرينٽس واپس ڪيا وڃن

غير قانوني افغانين سميت سمورا اليگل اميگرينٽس واپس ڪيا وڃن

حيدرآباد(ن س) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ غير قانوني افغانين سميت سمورا اليگل اميگرينٽس واپس ڪيا وڃن. گئس جي وڌايل قيمتن کي رد ڪريون ٿا. سنڌ مان گئس نڪري ٿو، جيڪا سڄو ملڪ استعمال ڪري ٿو پر سنڌ جون ٻھراڙيون ۽ ڪيترائي شھر گئس جي بنيادي سھولتن کان محروم ڪيا ويا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ جن علائقن مان گئس نڪري ٿي، اتي جي ڀرپاسي جي ڳوٺن کي مفت گئس فراھم ڪئي وڃي. ۽ صاف پاڻي، روڊ، صحت ۽ ٻيون بنيادي سهولتون فراھم ڪيون وڃن. اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ ۾ اڳ ۾ ئي تمام گھڻي مھانگائي آھي، تيل جون قيمتون وڌڻ جي ڪري ٽرانسپورٽ سميت جن شين جي قيمت مھانگي ٿي، آھي وري ھيٺ نہ اچي سگھيون آھن، وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت مھانگائي جي چڪي ۾ پيسجندڙ عوام جو خيال نہ ڪري رھي آھي. واپاري ۽ ٽرانسپورٽ مافيا ناجائز منافعي لاء ماڻھو ڦري ۽ لٽي رھي آھي. ان مھانگائي تي ڪنٽرول ڪيو.وڃي. گئس جون وڌايل ناجائز قيمتون واپس ڪيون وڃن. بجلي تمام گھڻي مھانگي آھي، بجلي کي سستو ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ غير قانوني افغانين سميت سمورا غير قانوني پرڏيھي ملڪ جي امن ۽ سلامتي لاءِ وڏو خطرو آھن، انھن کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ سخت آپريشن ڪيو وڃي. نادرا جي ڪرپٽ عملدارن ۽ بلدياتي نمائندن رشوت وٺي غير قانوني رھائشي سرٽيفڪيٽ ۽ ٻيا ڪاغذ ٺاھي ڏنا آھن، انھن ملوث ماڻھن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو