معاملا طئي ٿيڻ باوجود پي آءِ اي جون 53 اڏامون رد

معاملا طئي ٿيڻ باوجود پي آءِ اي جون 53 اڏامون رد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پي آءِ اي جو شيڊول بحال نه ٿيو آهي، پي ايس او سان پيٽرول جي ادائيگي جي حوالي سان ٺاهه ٿيڻ باوجود پي آءِ اي جو شيڊول بحال ناهي ڪيو ويو. پي آءِ اي جون اڄ (29 آڪٽوبر تائين) 53 ملڪي ۽ غير ملڪي اڏامون منسوخ ڪيون ويون، 13 ڏينهن ۾ منسوخ ٿيل اڏامن جو انگ 650 ٿي ويو آهي.ايئر لائن مسافرن کي ٽڪيٽن جي ريفنڊ ۾ روزانو ڪروڙين رپين جو نقصان ۽ فلائيٽ ڪينسل ٿيڻ سبب اربين رپين جو نقصان برداشت ڪري رهي آهي، جنهن ڪري ملازمن کي پگهارون نه ملڻ تي پريشاني ٿي رهي آهي.پي آءِ اي جي فلائيٽ شيڊول موجب آچر تي ڪراچي کان اسلام آباد لاءِ 6 اڏامون پي ڪي 300، 368، 308، 301، 369، 309، گوادر پي ڪي 503، 504، سکر پي ڪي 536، 537 جڏهن ته لاهور پي ڪي 306، 307، دمام پي ڪي 42، پي ڪي 42، ڪراچي کان اسلام آباد روانيون ٿينديون. دبئي پي ڪي 213، 214، مسقط پي ڪي 126 منسوخ ڪيا ويا آهن.اسلام آباد کان دبئي لاءِ 4 اڏامون پي ڪي 233، 211، 212، 234، ڪوئيٽا پي ڪي 325، 326، شارجه پي ڪي 181، سکر پي ڪي 631، 632، جده پي ڪي 842، مسقط پي ڪي 292، ابوظهبي لاءِ پي ڪي 292، پي ڪي 2 شامل آهن.لاهور کان ابوظهبي پي ڪي 263، مسقط پي ڪي 229، ڪوئيٽا پي ڪي 322، 323، مديني پي ڪي 747، باڪو پي ڪي 160 ۽ دبئي پي ڪي 204 منسوخ ڪيون ويون آهن.ملتان کان مسقط پي ڪي 171، رياض پي ڪي 765، 766، شارجه پي ڪي 293، 294 جڏهن ته مديني کان ملتان پي ڪي 716 کي منسوخ ڪيو ويو آهي.سيالڪوٽ کان دبئي پي ڪي 179، مسقط پي ڪي 281، 282، ڪويت سٽي پي ڪي 239 ۽ ابوظهبي پي ڪي 178 منسوخ ٿيل آهن.پشاور کان دبئي پي ڪي 283، ابوظهبي پي ڪي 217، مسقط پي ڪي 259، 260 ۽ دوحا پي ڪي 286 به منسوخ آهن، جڏهن ته فيصل آباد کان دبئي پي ڪي 223 ۽ 224 به منسوخ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو