ڪراچي ۾ پوليس مقابلي ۾ 4 ڏوهاري مارجي ويا

ڪراچي ۾ پوليس مقابلي ۾ 4 ڏوهاري مارجي ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ سعود آباد ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ مقابلو، 4 ڌاڙيل مارجي ويا. پوليس موجب واقعي ۾ هڪ پوليس اهلڪار ۽ ٻه شهري زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. زخمي اهلڪار جي سڃاڻپ حنيف طور ٿي آهي. پوليس موجب، جوابدار ڏينهن جي وقت شهرين کي ڦر ڪندا هئا، جوابدارن جي قبضي مان هٿيار، موبائل فون ۽ 2 موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون آهن.پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو