سي پي او ڏوهي آهي پر خدا واسطي کيس معاف ڪيان ٿو

سي پي او ڏوهي آهي پر خدا واسطي کيس معاف ڪيان ٿو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ ۾ شيخ رشيد جي گرفتاري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.جسٽس صداقت علي خان جي عدالت ۾ پيشي تي شيخ رشيد چيو ته سي پي او ۽ هي سڀ منهنجا جوابدار آهن، الله جي واسطي انهن کي معاف ڪريان ٿو.عدالت ۾ شيخ رشيد احمد جي بيان کانپوءِ عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي.ان کانسواءِ راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته منهنجي گرفتاري پٺيان سي پي او راولپنڊي جو چهرو لڪيل آهي.شيخ رشيد چيو ته مون کي پوليس گرفتار ڪيو ۽ ٻين ماڻهن جي بي عزتي ڪئي وئي، اسان جي گهر جي ملازمن، عورتن ۽ ٻارن کي به نه ڇڏيو ويو.هن چيو ته درخواست ۾ جيڪو ڪجهه لکيو ويو آهي اهو بلڪل درست آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو