لاهور (ڊيسڪ نيوز) انساني حقن واري ڪميشن براءِ پاڪستان (ايڇ آر سي پي) جي ڪائونسل پاران ملڪ ۾ سياسي مخالف ڌر کي ڪمزور ڪرڻ وارين ۽ راءِ جي اظهار واري ازاديءَ کي محدود ڪرڻ وارين ڪوششن تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي. ايڇ آر سي پيءَ جي ڪائونسل جبري گمشدگين کي ڏوهه ۽ اقليتن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. ”ڊان“ اخبار ۾ شايع ٿيل خبر مطابق هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي ڪائونسل اجلاس کانپوءِ اداري جي چيئرپرسن ڊاڪٽر مهدي حسن پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ”ايڇ آر سي پيءَ کي حڪومت پاران مخالف ڌر کي ڪمزور ڪرڻ وارين ڪوششن تي ڳڻتي ٿي آهي، اهي خطرناڪ علامتون آهن جن مطابق پارليامينٽ جو ڪردار گھٽجي رهيو آهي“. جڏهن ته ويجهڙائيءَ ۾ جاري ٿيل پي ايڪشنز (سول پاور جي مدد) آرڊيننس 2019 نه صرف ڪجهه بنيادي حقن کي گھٽ ڪرڻ پر جمهوري اصولن جي به نفي ڪري ٿو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت سپريم ڪورٽ طرفان 2014 ۾ ڏنل فيصلي مطابق اقليتن جي تحفظ خاطر ضروري قدم کڻي ڇو ته اسانجون ڪيتريون رپورٽون اهي ڳالهيون ظاهر ڪن ٿيون ته پاڪستان ۾ مذهبي اقليتون هاڻي به مذهب جي بنياد تي فرق ۽ توهين مذهب واري قانون جي غلط استعمال جو شڪار ٿي رهيون آهن. انساني حقن جي تنظيم پاران چيو ويو آهي ته ايڇ آر سي پيءَ جي ويجهڙائيءَ ۾ قائم ٿيل فيڪٽ فائنڊنگ مشنز پاران اهو انڪشاف ڪيو ويو آهي رياستي ڪردارن پاران جبري گمشدگيون ڪرڻ کي هڪ جبر طور استعمال ڪيو پيو وڃي ان ڪري اهڙي عملي کي ڏوهه قرار ڏيڻ لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي. ايڇ آر سي پيءَ، رياست پاران ميڊيا ٽربيونل متعارف ڪرائي راءِ جي اظهار واري آزاديءَ کي دٻائڻ يا ميڊيا کي ڪمزور ڪرڻ وارن قدمن جي مذمت ڪئي وئي. ان کان علاوه ايڇ آر سي پيءَ مطالبو ڪيو آهي ته گلگت بلتستان کي صوبي جو درجو ڏئي اتان جي ماڻهن کي به ملڪ جي ٻين حصن جي شهرين جهڙا حق ڏنا وڃن.










