عدالت ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري کي عارضي بحال ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ قومي اسمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري  جي اپيل تي اليڪشن ٽريبونل جو فيصلو معطل ڪندي کيس بطور ايم اين اي بحال ڪندي ڊپٽي اسپيڪر طور ڪم جاري رکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ جوڙيل 3 رڪني بينچ آڏو سندس وڪيل نعيم بخاري جي ابتدائي دليلن بعد عدالت فيصلو ڏنو. بينچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس فيصل عرب به شامل آهن. عدالت اليڪشن ڪميشن پاران قاسم سوري جي رڪنيت ختم ڪرڻ وارو فيصلو معطل ڪندي چيو ته جيسين اپيل تي حتمي فيصلو اچي تيسين ضمني چونڊ روڪي وڃي. عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي کين جواب داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ياد رهي ته هن اين اي 265 تان نوابزاده لشڪري رئيساڻي کي شڪست ڏئي چونڊ کٽي هئي. مٿس ڌانڌلي جو الزام هو ۽ اليڪشن ٽريبونل ۾ 19 شاهدن ڌانڌلي جي شاهدي ڏني هئي. 27 سيپٽمبر تي کيس بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي اليڪشن ٽريبونل ڊي سيٽ ڪيو هو. جنهن بعد اليڪشن ڪميشن  2 آڪٽوبر تي ڊي نوٽيفاءِ ڪيو هو. جنهن بعد قومي اسمبلي جو هلندڙ اجلاس حڪومت جي اتحادي ميمبر کان ڪورم جي نشاندهي ڪرائي اڻ ڄاتل مدت لاءِ ملتوي ڪيو ويو هو، جيڪو شيڊول موجب 4 آڪٽوبر تائين هلڻو هو. ڇو ته قانون موجب ڊپٽي اسپيڪر جي نا اهلي جي صورت ۾ هلندڙ اجلاس دوران چونڊ ڪرائڻ لازمي آهي. حڪومت اجلاس ملتوي ڪري کيس موقعو ڏنو ته عدالت ۾ وڃي ۽ اسٽي وٺي.

پهنجو تبصرو موڪليو