ڪرپٽ آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت

ڪرپٽ آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)نگران وڏي وزير سنڌ جسٽس (ر) مقبول باقر ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.سنڌ جي وڏي وزير مقبول باقر جي صدارت هيٺ ورڪس اينڊ سروس کاتي جو اجلاس ٿيو.اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري، چيئرمين پي اينڊ ڊي، سيڪريٽري ورڪس ۽ ٻين شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز سنڌ شرڪت ڪندڙن کي ترقياتي اسڪيمن تي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو.سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز سنڌ روڊ ريسرچ ليب ۽ مانيٽرنگ يونٽ بابت بريفنگ دوران مانيٽرنگ يونٽ کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڊي جي مانيٽرنگ جي مقرري جي به تجويز ڏني.اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ جي نگران وڏي وزير هدايت ڪئي ته تجويز ڪيل ترقياتي ڪمن جي معائني جي طريقيڪار کي بهتر بڻايو وڃي، وڏين اسڪيمن جي ڪارڪردگي جو باقاعدگي سان دورو ڪيو وڃي.هن هدايت ڪئي ته ناقص ڪم ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ترقياتي اسڪيمن جي تصديق لاءِ نامور انجنيئرنگ يونيورسٽي جون خدمتون ورتيون وڃن.اجلاس دوران ڪم ۽ سروس منصوبن جو مرحليوار رڪارڊ محفوظ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.سنڌ جي نگران وڏي وزير هدايتون جاري ڪندي چيو ته وڏن منصوبن جي ڊجيٽل رڪارڊنگ کي يقيني بڻايو وڃي.اجلاس ۾ ڊي جي مانيٽرنگ جي پوسٽ کي مشاورتي عمل ذريعي ڀرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.نگران وڏي وزير سنڌ جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر انڊس هاءِ وي تي روڊ سيفٽي ريسرچ پروگرام شروع ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته ورڪس اينڊ سروسز ڊپارٽمينٽ جي سمورن آفيسن ۾ بائيو ميٽرڪ سسٽم لڳايو وڃي ۽ هاءِ وي جي ٽولن تي جمع ٿيندڙ ٽيڪسن جو ٽيون حصو به گڏ ڪيو وڃي. پارٽيءَ کان به ڪرايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو