گرڊ اسٽيشن جي ڪنٽرول روم کي باھ،، بجلي منقطع، شهري پريشان

گرڊ اسٽيشن جي ڪنٽرول روم کي باھ،، بجلي منقطع، شهري پريشان

گهوٽڪي (سليم فضل ڪلهوڙو) گرڊ اسٽيشن جي ڪنٽرول روم ۾ باھ، لڳڻ  سبب گهوٽڪي شهر ۾ بجلي جي فراهمي معطل، مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو. گذريل رات تيز هوا سان ڳڙو وٺو هو.  برسات کي 18 ڪلاڪ گذرڻ باوجود بجلي بحال نه ٿي سگهي آهي. آچر تي صبح جو بجلي گهر جي ڪنٽرول روم ۾ اچانڪ باھ لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ وڏو نقصان ٿيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته  بارش جي پاڻي  سبب سرڪٽ ۽ مشينون شارٽ ٿي ويون جنهن سبب باھ ڀڙڪي اٿي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو