ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي نيو ڪراچي ايوب ڳوٺ ۾ گهر تي فائرنگ ڪري هڪ ڄڻو مارجي ويو.پوليس موجب مارجي ويل جي سڃاڻپ محمد قاسم جي نالي سان ٿي آهي، واقعي واري هنڌ تان گوليون هٿ ڪيون ويون آهن، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.مقتول جي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته محمد قاسم سنڌ پوليس ۾ سيڪيورٽي زون 2 جو آفيسر هو، هو اڳوڻي آءِ جي بلوچستان مير زبير جو گن مين هو.مقتول جي ڀاءُ موجب سندس ڀاءُ 2 ڏينهن اڳ اسلام آباد کان پنهنجي ڀائرن سان ملڻ ڪراچي آيو هو، مقتول 5 ڌيئرن جو پيءُ هو ۽ اصل ۾ لوڌران ضلعي جو رهواسي هو.ڀاءُ جو چوڻ آهي ته واقعي وقت مقتول گهر ۾ سمهي رهيو هو، ڊرائنگ روم جي دريءَ جو دروازو روڊ طرف کليل هو، جوابدار دريءَ مان فائرنگ ڪئي، گوليون مقتول جي پٺي ۾ لڳيون.ڀاءُ موجب مقتول موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، واقعي وقت مقتول جا 2 ڀائر، ماءُ ۽ ڀيڻ به گهر ۾ موجود هئا.










