نئون ديرو (ن س ) نئين ديري ڀرسان جيها ۽ ڏاهاڻي ڌرين ۾ تڪرار تان هٿياربندن جو حملو، 2 ڄڻا مارجي ويا،جيها ۽ ڏاهاڻي برادري جي ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، مڇي ماريندڙ ڳوٺاڻن تي حملي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا مارجي ويلن ۾ جيها ڌر جا 2 ڄڻا اياز حسين ۽ محمد حسن شامل آهن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، واقعي جي اطلاع تي نئون ديرو پوليس ڳوٺ ابراهيم جي وانڍ پهتي پوليس موجب جيها – ڏاهاڻي تڪرار تان واقعو پيش آيو آهي، اياز علي ۽ محمد حسن وارهه ريگيوليٽر وٽ مڇي ماري مڇي ماري رهيا هئا ته هٿياربندن مٿن فائرنگ ڪئي،پوليس جو چوڻ آهي ته هڪ ڄڻو محمد حسن گوليون لڳڻ بعد وارهه ڪئنال ۾ ڪري ٻڏي ويو، لاش جي ڳولا ڪئي پئي وڃي، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو










