سپر هاءِ وي سان ڳنڍيندڙ لنڪ روڊ کولڻ جو حڪم

سپر هاءِ وي سان ڳنڍيندڙ لنڪ روڊ کولڻ جو حڪم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ نيشنل هاءِ وي کي سپر هاءِ وي سان ڳنڍيندڙ لنڪ روڊ کي فوري طور کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.وقتي چيف جسٽس عرفان سعادت خان چيو ته سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل اختياريون روڊ جي بحالي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪن، اسان حڪومت کي حڪم ڪريون ٿا ته روڊ فوري طور کوليو وڃي.هن چيو ته درخواست تي ڪارروائي ٿي رهي آهي، جيڪڏهن عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيو ته توهين عدالت جي درخواست داخل ڪري سگهجي ٿي،عدالت ۾ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته لنڪ روڊ کوليو ويو آهي، هن چيف سيڪريٽري جو لکت ۾ جواب به جمع ڪرايو.درخواستگذار جي وڪيل جو چوڻ هو ته فوٽو گرافي جا ثبوت آهن، روڊ تان ٽريفڪ بحال نه ٿي آهي ۽ روڊ بلاڪ آهن، ٽرانسپورٽرن هڙتال ڪري لنڪ روڊ بلاڪ ڪيو آهي.درخواستگذار موجب لنڪ روڊ جي بندش سبب ڪاروبار پڻ متاثر ٿي رهيو آهي. ٽرانسپورٽرن ۽ انتظاميا ۾ جهيڙو آهي، اسان مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهيون.درخواستگذار عدالت کي استدعا ڪئي ته چيف سيڪريٽري ۽ ٻين کي فوري طور لنڪ روڊ کولڻ جي هدايت ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو