سنڌ ۽ پاڪستان کي 75 سالن کان مسلسل تباهه ڪيو پيو وڃي: اياز پليجو

سنڌ ۽ پاڪستان کي 75 سالن کان مسلسل تباهه ڪيو پيو وڃي: اياز پليجو

حيدرآباد (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو ته قومي عوامي تحريڪ سنڌ جي سياسي جدوجهد جي اڳواڻي ڪندي، سنڌ ۽ پاڪستان کي 75 سالن کان مسلسل تباھ ڪيو پيو وڃي، ماڻهو چنڊ ۽ مريخ تي بيٺا آهن، اسان عيد جو چنڊ ڏسڻ ۾ مصروف آهيون ۽ عورتن تي ظلم ڪري رهيا آهيون. گذريل 20 سالن ۾ سنڌ ۾ هڪ بہ وڏي صنعت قائم نہ ٿي سگهي آهي، سنڌ کي سرداري نظام ۽ وڏيرا شاهي جو مرڪز بڻايو ويو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ عالمي سامراجي طاقتن اسان جي امن ۽ معيشت کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ سنڌ کي عالمي يتيم خانو بنائي ڇڏيو آھي ۽ افغانين سميت سڄي دنيا مان غير قانوني پرڏيھي آڻي انھن کي سنڌ ۾ رھايو ويو،سنڌ پوليس فوري طور افغانين سميت سمورن ڌارين کي گرفتار ڪري واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۾ غير قانوني پرڏيھي نہ رڳو معاشي طور بار آھن پر انھن مان ڪيترائي ڪراچي، لاھور، پشاور، ڪوئيٽا، پنڊي ۽ ٻين شھرن ۾ ڌماڪن ۽ دھشتگردي ۾ ملوث آھن. اڪثر شھرن ۾ غير قانوني پرڏيھي پنھنجون الڳ ڪالونيون قائم ڪري ويٺل آھن، جتي مقامي پوليس بہ داخل نٿي ٿئي. اياز لطيف پليجي چيو تہ غيرقانوني پرڏيھين سان رڳو سنڌ ۽ پاڪستان جي اقتصاديات کي خطرو ناھي، بلڪہ اھي ھتي لاقانونيت، دھشتگردي ۽ منشيات آڻين ٿا. غير قانوني افغاني اھي اسانجي رواداري، امن، عقل، محبت ۽ سھپ وارين روايتن کي تباھ ڪري مليٽنٽ انتھاپسندي پيدا ڪري رھيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سڄي دنيا ۾ ٻاھران ايندڙ ماڻھن لاءِ الڳ قانون آھي، اھي اتي جي سياست، نوڪرين، وسيلن تي ائين حملي آور ۽ قابض نٿا ٿين جيئن پاڪستان ۽ سنڌ ۾ ٻاھران ايندڙ پرڏيھي اسان جي ملڪ جي قانون جو ڌڄيون اڏائي رھيا آھن. ڪھڙو شھر آھي جتي منشيات نٿي ملي ۽ غير قانوني ھٿيارن جو ڪاروبار ناھي. سعودي عرب ۾ پاڪستان سميت ڪنھن ٻي مسلمان ملڪ جي ماڻھو کي شھريت، ملڪيت يا مستقل نوڪري حاصل ڪرڻ جي اجازت ناھي. رڳو پاڪستان ۽ سنڌ کي مال غنيمت بنايو ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان ۾ سياسي ۽ اقتداري مفادن لاءِ غير قانوني پرڏيھين کي پھرين بلدياتي ادارن کان رھائشي سرٽيفڪيٽ ڏياريا وڃن ٿا، پوءِ شناختي ڪارڊ اھڙي ريت اھي ملڪيتون خريد ڪن ٿا ۽ سرڪاري نوڪرين ۽ وسيلن تي قابض ٿي ويھي رھن ٿا. انھن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو