رولو ڪتن جو آزار  6 ٻارڙن کي ڏارهي زخمي ڪري ڇڏيو

رولو ڪتن جو آزار 6 ٻارڙن کي ڏارهي زخمي ڪري ڇڏيو

مورو )مورائي اياز سولنگي)  شھر جي مختلف ھنڌن تي رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو، شھر جي مختلف پاڙن ۾ ڪتن ڪيترن ئي مردن عورتن توڙي معصوم ٻارڙن کي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو جن کي تعلقه اسپتال مورو آندو ويو جتي ڊاڪٽرن پاران طبي امداد ڏني وئي زخمين ۾ پنجن سالن جو قادر بخش لنڊ، غلام مرتضيٰ سولنگي، زبير احمد ملاح، رسول بخش عالماڻي، مائرا، مسمات ثمرين شامل آهن، رولو ڪتن جي آزار وڌڻ سبب شھر واسي سخت پريشاني مبتلا ٿي ويا آھن جن جو چوڻ آھي مورو ميونسپل انتظاميه پاران ڪتن کي مارڻ لاءِِ ڪي به اپاءُ نه ورتا آهن جنھن سبب  شھري ڪتن جي آزار کان تنگ اچي ويا آھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو