اشاعت لاءِ صنعت کاتي جي پرنٽنگ ونگ کي ڪم ۾ آڻڻ جي تجويز

اشاعت لاءِ صنعت کاتي جي پرنٽنگ ونگ کي ڪم ۾ آڻڻ جي تجويز

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي صنعت کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته هو صنعتي مرڪزن ۾ انساني خطرن کي جانچڻ لاءِ صنعتي مرڪزن جو معائنو ڪرڻ سميت صنعتي علائقن ۾ صحت جي سهولتن، سائيٽ ۽ ننڍي صنعتي علائقن ۾ سڀني پلاٽن جي رڪارڊ کي ڊجيٽلائزيشن ۽ درسي ڪتابن جي ڇپائي لاءِ پرنٽنگ ۽ اسٽيشنري ونگ کي فعال ڪيو وڃي. هن اهي هدايتون وزيراعليٰ هائوس ۾ صنعت کاتي جي اجلاس جي صدارت ڪندي جاري ڪيون. اجلاس ۾ صنعت ۽ روينيو واري صوبائي وزير يونس ڍاگا، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم، چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل منڱڻيجو، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، سيڪريٽري صنعت رشيد سولنگي، سيڪريٽري توانائي فياض عباسي، سيڪريٽري ليبر شارق احمد، ايم ڊي سنڌ سالڊ ويسٽ مينجمينٽ امتياز شاهه، ايم ڊي واٽر بورڊ صلاح الدين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. صنعتي علائقن جو معائنو: صنعت واري صوبائي وزير يونس ڍاگا وڏي وزير کي ٻڌايو ته صنعت کاتي ۾ 4000 صنعتي يونٽ رجسٽرڊ آهن. هن ٻڌايو ته نوري آباد انڊسٽريل اسٽيٽ ۾ فائر برگيڊ جو ڪوبه انتظام ناهي ۽ ڪنهن به واقعي جي صورت ۾ مريضن کي کڻي وڃڻ لاءِ طبي سهولتون به ميسر ناهن. ان تي وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته صنعتي علائقن ۾ ريسڪيو 1122 جي سهولت کي يقيني بڻائي يا انهن کي فائر ٽينڊر فراهم ڪيا وڃن ۽ انڊسٽريل اسٽيٽس ۾ صحت جون سهولتون قائم ڪيون وڃن. وڏي وزير چيو ته مختلف انڊسٽريل اسٽيٽس ۾ اسپتالون ته آهن پر اهي صحيح نموني ڪم نه ڪري رهيون آهن. نگران وڏي وزير چيو ته بلديا فيڪٽري جي سانحي کي ڏسندي صنعت کاتي کي پنهنجو فعال ۽ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن صنعت کاتي کي هدايت ڪئي ته هو سمورن صنعتي يونٽن جو معائنو ڪري حفاظتي خطرن جي جاچ ڪري. هن وڌيڪ چيو ته اڪثر ڪارخانن ۾ اهڙو ڪو به نظام ناهي جيڪو خطرن کي روڪڻ ۽ ان تي ضابطو آڻڻ لاءِ استعمال ٿئي تنهنڪري مزدورن جي تحفظ لاءِ اهڙو نظام هجڻ ضروري آهي. هن اجلاس کي ٻڌايو ته صنعتي پلاٽن جي زمين غير قانوني گودامن لاءِ استعمال ٿي رهي آهي تنهنڪري ضروري ڪارروائي ڪئي وڃي. جسٽس باقر چيو ته اڪثر صنعتون مزدورن کي گهٽ ۾ گهٽ اجرت نه ڏئي رهيون آهن ۽ اوور ٽائيم ڏيڻ کان به انڪار ڪري رهيون آهن. صنعت کاتي کي گهرجي ته اهي سمورا مسئلا انسپيڪشن ذريعي حل ڪرايا وڃن. هن صنعت کاتي کي هدايت ڪئي ته انسپيڪشن لاءِ پروفارما تيار ڪيو وڃي ته جيئن حفاظتي مسئلن، عمارت جي صورتحال ۽ مزدورن لاءِ سهولتن جو پتو لڳايو وڃي. آن لائين سهولتون: وڏي وزير صنعت واري وزير جي سفارش تي سائيٽ ۽ سنڌ سمال انڊسٽريز جي سمورن پرمٽس ۽ اين او سيز جي آن لائن سهولت جي منظوري ڏني ته جيئن فرمز، سوسائٽيز ۽ ٽرسٽز آن لائن رجسٽرڊ ٿي سگھن. وڏي وزير سائيٽ ۽ ننڍي صنعتن جي پلاٽن جي الاٽمينٽ رڪارڊ کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ صنعتن جي ضلعي وار سروي ڪرڻ ۽ ڊيٽا ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ننڍا ۽ وچولا صنعتي ادارا به آن لائين پورٽل ذريعي ون ونڊو حل تحت رجسٽرڊ ڪيا ويندا. سنڌ انڊسٽريل پاليسي: صنعت واري وزير وڏي وزير کي ٻڌايو ته صوبائي حڪومت وٽ ڪا به صنعتي پاليسي ناهي. هن ٻڌايو ته ناليواري ماهر ڊاڪٽر قيصر بنگالي پاليسي ٺاهڻ ۾ مصروف آهي جنهن جو اعلان وڏي وزير جي منظوري کانپوءِ ڪيو ويندو. ڪمبائنڊ ايفلوئنٽ ٽريٽمينٽ پلانٽ: وڏي وزير صنعت کاتي کي هدايت ڪئي ته ڪراچي سائيٽ تي ڪمبائنڊ ايفلوئنٽ ٽريٽمينٽ پلانٽ قائم ڪيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حيدرآباد ۽ سکر لاءِ ڪمبائنڊ ٽريٽمينٽ پلانٽ اسڪيم به 3.4 ارب رپين جي آهي جنهن لاءِ موجوده بجيٽ ۾ 25 ملين رپيا رکيا ويا آهن البته ٻنهي ٽريٽمينٽ پلانٽس جي لاڳت ۾ واڌ سبب بجيٽ مان واڌو فنڊن جي منظوري لاءِ سمري پيش ڪئي وئي آهي. ترقياتي ڪم: وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته مختلف سائيٽن ۽ ننڍن صنعتي زونن ۾ 1.5 ارب رپين جي لاڳت سان 26 ترقياتي اسڪيمون شروع ڪيون ويون آهن. ان تي وڏي وزير چيو ته ترقياتي ڪمن لاءِ انڊسٽريل اينڊ ڊولپمينٽ ڪمپني جوڙي سگهجي ٿي. صوبائي وزير چيو ته هن ڪم جي رفتار ۽ معيار کي جانچڻ لاءِ ورڪنگ ڪميٽي جوڙي آهي. پرنٽنگ ۽ اسٽيشنري ونگ: وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته صنعت کاتي وٽ هڪ پرنٽنگ ۽ اسٽيشنري ونگ آهي. ان تي وڏي وزير چيو ته کيس درسي ڪتابن جي ڇپائي جو ڪم اسڪول ايجوڪيشن کاتي کي ڏنو وڃي. هن کاتي کي هدايت ڪئي ته هو شروعاتي طور تي ٻن يا ٽن مضمونن جي ڪتابن جي ڇپائي شروع ڪرڻ لاءِ تياري ڪري ۽ پوءِ ڇپائي جو ٺيڪو کيس ڏنو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو