پنجاب پوليس کي گهربل جوابدار ڪراچي مان گرفتار

پنجاب پوليس کي گهربل جوابدار ڪراچي مان گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي جي اميگريشن عملي ڪراچي ايئرپورٽ تان عمري لاءِ ويندڙ مسافر کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جيڪو پنجاب پوليس کي سنگين ڏوهن ۾ گهربل هو.ايف آءِ اي ترجمان موجب جوابدار عبدالله احمد جو نالو انتهائي گهربل جوابدارن جي فهرست ۾ شامل آهي.جوابدار عمري ادائگي جي بهاني ڪراچي ايئرپورٽ تان فرار ٿيڻ چاهي پيو، اميگريشن ڪائونٽر تي پهچندي ئي جوابدار جا تفصيل سامهون اچي ويا.پنجاب پوليس ايف آءِ اي عملدارن کي ٻڌايو ته جوابدار ڦر ۽ ٻين سنگين وارداتن ۾ ملوث آهي.پنجاب پوليس گهرو کاتي ذريعي جوابدارن جو نالو انتهائي گهربل ماڻهن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو هو ته جيئن جوابدار فرار نه ٿي سگهن.جوابدار سعودي ايئر لائنز جي اڏام ذريعي سعودي عرب وڃڻ چاهي پيو، جنهن جو نالو موسٽ وانٽيڊ لسٽ ۾ شامل ٿيڻ سبب اميگريشن عملدارن کيس آف لوڊ ڪري ڇڏيو.ايف آءِ اي مسافر کي پنجاب پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو