ڪراچي ۾ اڄ موسم گرم ۽ رات جي وقت برسات جا امڪان

ڪراچي ۾ اڄ موسم گرم ۽ رات جي وقت برسات جا امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم جزوي طور خشڪ ۽ گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب شهر جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 28 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته وڌ ۾ وڌ گرمي پد 32 کان 34 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.شهر ۾ هوا ۾ نمي جو تناسب 76 سيڪڙو آهي ۽ هوائون ڏکڻ اولهه کان 18 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن. ان کان علاوه موسميات کاتي شهر ۾ رات ۽ صبح جي وقت برسات پوڻ جو به امڪان ظاهر ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو