صالح پٽ (نياز مهر) ڳوٺ شير محمد ابڙو ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان باهه لڳڻ سبب توڏو ابڙو، گلشن ابڙو ۽ روشن ابڙو سخت زخمي ٿي پيا. جڏهن ته گهرن ۾ بيٺل چوپايو مال جن ۾ ٽي ٻڪريون هڪ مينهن ۽ هڪ گابي سڙي رک ٿي ويون آهن. باهه سبب ٽي بجلي جا ميٽر به سڙي ويا متاثر کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن، هنن سرڪار کي مدد جي اپيل ڪئي آهي.










