ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر 3 فوت، 3 زخمي، ڊرائيور فرار

ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر 3 فوت، 3 زخمي، ڊرائيور فرار

مٽياري (رياض چانڊيو) ڀٽ شاھ وٽ قومي شاھراھ تي ٽرالر جو ٻن چنگچي رڪشائن سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻن ٻارڙن سميت ٽي ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا ۽ ٽي شديد زخمي ٿيا جن ۾ مسمات نور شمع، ڇهن ورهين جي صغران ۽ چار ورهين جو غلام سرور کوسو شامل آهن جڏهن ته زخمين ۾ مسمات ماروي، مسمات ثمينا ۽ ٻارڙي نوابزادي شامل آهن، پوليس موجب ٽرالر حيدرآباد کان سکر طرف وڃي رهيو هو ته ڀٽ شاھ ڀرسان ٽرالر هڪ چنگچي رڪشا سان ٽڪرايو ۽ رڪشا وري ٻئي رڪشا سان ٽڪرائجي ويو جنهن جي نتيجي ۾ ٽي فوت ۽ ٽي شديد زخمي ٿي پيا آهن فوتين ۽ زخمين کي ڀٽ شاھ ۽ هالا اسپتالن ڏانهن نيو ويو آهي جڏهن ته فوتين جو تعلق ڳوٺ الهه بخش کوسو سان آهي ٽرالر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو آهي ٽرالر پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو