ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي صحت، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ اينڊ سوشل ويلفيئر واري صوبائي وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز جي صدارت هيٺ اينٽي نارڪوٽڪس بابت سنڌ ٽاسڪ فورس جو پهريون اجلاس اي او سي ۾ منعقد ٿيو. جنهن ۾ چيئرمين سنڌ ٽاسڪ فورس پروفيسر ڊاڪٽر عمران بشير چوڌري، ڊي جي هيلٿ سنڌ ڊاڪٽر ارشاد ميمڻ، سي اي او (پي آءِ ايل ايل) پروفيسر نسيم چوڌري، سيڪريٽري سنڌ مينٽل هيلٿ اٿارٽي ظفر نقوي، ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول رياض حسن کوسو، ڊاڪٽر فوزيه، ڊاڪٽر سلمان ۽ ٻيا به موجود هئا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ٽاسڪ فورس جو بنيادي مقصد منشيات جي طلب ۾ گهٽتائي ۽ نقصانڪار شين تي ضابطو آڻڻ آهي. اجلاس ۾ سنڌ ٽاسڪ فورس جي اغراض و مقاصد ۽ شرطن تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ تعليمي ادارن، عوامي هنڌن ۽ ٻين هنڌن تي منشيات جي موجودگي ۽ وڪرو تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي ڊي جي صحت سنڌ ڊاڪٽر ارشاد ميمڻ چيو ته مهم جي ڪاميابي لاءِ ڊبليو ايڇ او سميت ٻين اسٽيڪ هولڊرز کان مدد ورتي ويندي ۽ ايندڙ اجلاس ۾ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز کي به دعوت ڏني ويندي. اجلاس ۾ سنڌ ٽاسڪ فورس ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي ڪردار کي اجاگر ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. سنڌ جي نگران صحت واري وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز چيو آهي ته سنڌ ٽاسڪ فورس جي ڪور ڪميٽي ۾ وڌيڪ ميمبرن کي شامل ڪيو وڃي ۽ سنڌ ٽاسڪ فورس جي پاليسي کان اڳ تعليم کاتي ۽ ايڇ اي سي سان به تعليمي ادارن ۾ منشيات جي استعمال جي بابت پاليسي تي پڻ غور ڪرڻ گهرجي. هن 15 ڏينهن ۾ پاليسي سميت مڪمل ايڪشن پلان تيار ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. هن چيو ته 15 نومبر کان 15 ڊسمبر تائين سوشل ميڊيا، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا، بينرز ۽ هينڊ بلز ذريعي منشيات ۽ منشيات جي روڪٿام لاءِ ڀرپور مهم هلائينداسين.










