ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي هدايت تي سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد امتياز علي شاهه ضلع ڏکڻ جو هنگامي دورو ڪيو ۽ صفائي سٿرائي جي ڪم ۾ سستي، عملي جي غيرحاضري ۽ خراب مشينري تي سخت نوٽس وٺندي چيو ته صفائي جي ڪم ۾ سستي ۽ غفلت ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. ضلع ڏکڻ جي دوري ۾ سي وي روڊ، باغ ابن قاسم، بلاول چورنگي، اولڊ ڪلفٽن، بوٽ بيسن، ڊاڪٽر ضياءُ الدين روڊ، نهر خيام، ڊائمنڊ ٽاور، گلاس ٽاور، خيابان اقبال، ڪينٽ اسٽيشن، هجرت ڪالوني، گزري ۽ ٻيا علائقا شامل هئا. هن گهٽين ۽ چوڪن جي صفائي جو جائزو ورتو ۽ ڏٺائين ته ڪچري جا ڍير ٻاهر روڊ پاسي پيل آهن جنهن تي هن هدايت ڪئي ته روڊن تي رکيل ڊسٽ بِن کي فوري طور تبديل ڪيو وڃي. هن چائلڊ ليبر جو پڻ نوٽيس ورتو ۽ ٻارن کان مزدوري ڪرائڻ خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن ڪچري جي جلد صفائي سان گڏ روڊن کي مشينن ذريعي ڌوئڻ ۽ فوٽ پاٿن جي صفائي جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته صفائي جي ڪم ۾ لاپرواهي ڪرڻ تي لاڳاپيل خانگي ڪمپني کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو، ان کان علاوه لاڳاپيل عملدارن کي به هدايت ڪئي وئي ته هو پنهنجي ذميواري ۾ غفلت ڪندڙ خلاف ڪارروائي ڪن. هن چيو ته ڊپٽي ڊائريڪٽرن ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽرن صبح ۽ شام علائقن جو دورو ڪري صفائي جي ڪم کي يقيني بڻائين ۽ چيو ته خراب ٿيل مشينري کي جلد مرمت ڪري ڪم تي لڳايو وڃي.










