ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)نگران وڏي وزير سنڌ جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو آهي ته ڪراچي شهر سڄي ملڪ جو معاشي حب آهي، سنڌ جي ترقي پوري ملڪ جي ترقي جي برابر آهي نگران وڏي وزير سنڌ مقبول باقر سان نيشنل سيڪيورٽي اينڊ وار ڪورس 24 ملاقات ڪئي.وار ڪورس جي چيف انسٽرڪٽر ميجر جنرل عامر نجم وفد جي اڳواڻي ڪري رهيو هو.ان موقعي تي آءِ جي پوليس رفعت مختار اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏني. آءِ جي رفعت مختار چيو ته سنڌ پوليس ۾ 12 هزار اهلڪارن جي کوٽ آهي، ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم هڪ وڏو چئلينج آهي، سنڌ ۾ سيپٽمبر 2023 تائين موبائل چوري جا 20 هزار 830 واقعا ٿي چڪا آهن، سنڌ ۾ موٽرسائيڪل چوري جا 36 هزار 369 ڪيس سامهون آيا آهن. بريفنگ دوران آءِ جي پوليس سنڌ ٻڌايو ته اسٽريٽ ڪرمنلز خلاف ٽارگيٽڊ آپريشن ڪيو پيو وڃي، 2023ع ۾ اغوا ڀنگ جا 221 ڪيس ٿيا، 2022ع ۾ 81 ڪيس لاڙڪاڻي ريجن ۾ اغوا ڀٽي جا سڀ کان وڌيڪ 128 ڪيس آهن، چورين خلاف سخت آپريشن ڪري رهيا آهيون. اجلاس دوران چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل منڱريو شرڪت ڪندڙن کي ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ ڏني. چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل منڱريو بريفنگ دوران ٻڌايو ته سنڌ جي آبادي 55 ملين کان وڌيڪ آهي، مردن جي خواندگي جي شرح 71 سيڪڙو ۽ عورتن جي خواندگي جي شرح 46 سيڪڙو آهي، ٻارن جي موت جي شرح 1000 مان 39 آهي. چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل منڱريو چيو ته سنڌ 2100 ايم ايم سي ايف ڊي گيس پيدا ڪري ٿي، سنڌ جي تيل جي پيداوار 8.049 ملين بيرل آهي، سنڌ زرعي لحاظ کان خوشحال صوبو آهي، سنڌ ۾ ڪپهه جي پيداوار 1.862 ملين بيلز ۽ ڪڻڪ جي پيداوار 3.94 ملين بيرل آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي نگران وڏي وزير سنڌ جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته اسان ٻوڏ متاثرن لاءِ مضبوط قدم کڻي رهيا آهيون، اسٽريٽ ڪرائم جي خاتمي لاءِ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪري رهيا آهيون، پوليس ۽ رينجرز گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. نگران وڏي وزير سنڌ جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو آهي ته سيف سٽي منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان ڏوهن تي ضابطو آسان ٿيندو، صوبي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جا ڪيترائي سبب آهن، ڏوهن جي رجحانن ۾ غربت، غير قانوني مهاجر ۽ ڊرگ مافيا شامل آهن.ملاقات دوران سنڌ جي نگران وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ امن امان، صنعتي ۽ زرعي ترقي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.










