ڪشمور(ن س) پيپلزپارٽي اڳواڻ شبير بجاراڻي چيو آهي ته ڪشمور، بخشاپور، بڊاڻي ۽ گڊو مان اغوا ٿي ويل سمورا مغوي مکي جگديش، نينگر جئديپ، ڊاڪٽر منير نائچ ساگر ڪمار لکين رپيا ڀنگ ڀري آزاد ٿيا آهن ڪشمور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ اڳواڻ چيو ته پوليس مقابلا ڪٿي ٿيا آهن؟ جيڪڏهن مقابلا ٿيا آهن ته پوءِ ڏوهاري ظاهر ڇو نه ٿيا آهن؟ اھي سموريون ڳالهيون سواليه نشان آهن هن چيو ته ڏوھارين خلاف رينجرس ۽ پوليس جي گڏيل آپريشن جي حمايت ڪئي آهي، ڪوڙي واويلا ڪئي وئي ته مون ڪچي ۾ ٿيندڙ آپريشن جي مخالفت ڪئي، آپريشن کان اڳ پوليس ۾ لڪيل ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي شبير بجاراڻي موجب اڳوڻي آءِ جي غلام نبي ميمڻ کي ٻڌايو هو ته آپريشن ۾ ڪشمور ضلعي جي اشوز کي نظر ۾ رکيو وڃي،پوليس ۽ رينجرس ڪچي ۽ پڪي جي ڏوهارين خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪري ڏوھن جو خاتمو آڻين










