حيدرآباد(ن س) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ ايندڙ اليڪشن کي شفاف ۽ عوامي بنائڻ لاءِ سائنٽيفڪ قدم کنيا وڃن.اليڪشن ڪميشن کي گھرجي تہ نئين تڪبندين ذريعي صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جا تڪ ننڍا ٺاھيا وڃن تہ جيئن مڊل ڪلاس جو ماڻھو اليڪشن ۾ آساني سان بيھي سگھي، وڏا تڪ ھجڻ ڪري ھاري، پورھيت ۽ مڊل ڪلاس جا ماڻھو اڻسڌي نموني اليڪشن کان ٻاھر ٿي وڃن ٿا، جنھن ڪري رڳو سرمائيدار ۽ جاگيردار اليڪشن وڙھي سگھن ٿا. وڏن تڪن تي وڏا خرچ ٿين ٿا. جيڪي وڏا خرچ ڪن ٿا، اھي ايوانن ۾ اچي عوام جي خدمت بدران پنھنجي ڪمائي جا رستا کولين ٿا، غريب عوام وري بہ غربت ۽ بدحالي جو شڪار رھي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو تہ وڏا تڪ ھجڻ ڪري اسيمبلين ۾ صحيح ايماندار عوامي نمائندا نٿا پھچن، مٿئين طبقي جا نمائندا ايوانن ۾ پھچي پنھنجي فائدي جا قانون جوڙين ٿا. موجوده اليڪشني نظام مٿين ڪلاس لاءِ آھي جيڪي اربين روپيا خرچ ڪري اليڪشن مينيج ڪن ٿا ۽ پوءِ ملڪ جي وسيلن کي لٽين ٿا. ڪرپشن ذريعي عوام جو پئسو ٻاھرين ملڪن ڏانھن منتقل ڪن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ مٿين طبقي ۽ ذاتي مفادن لاءِ حڪومتن ۾ ايندڙ نمائندن وٽ ملڪ ۽ غريب عوام لاءِ ڪو بہ پروگرام ناھي، بار بار حڪومتن ۾ ايندڙ پارٽيون نمائشي طور عوام جون ڳالھيون ڪن ٿيون پر انھن جي غلط پاليسين جي ڪري ملڪ ۽ سنڌ ۾ بک، بدحالي بيروزگاري آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ صوبن ۾ قومي اسيمبلي جا برابر تڪ ڪيا وڃن تہ جيئن سڄي ملڪ کي برابر نمائندگي ملي سگھي. ھڪ صوبي جي بالادستي سان ملڪ ترقي نٿو ڪري سگھي، ان سان محروم وڌي رھيون آھن، حقن جو استحصال ٿي رھيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سرمائيدارن کي پنھنجي طبقي جا مفاد عزيز آھن، جاگيردار بہ ملڪي وسيلن جي ۽ اختيارن کي پنھنجي مفادن لاءِ استعمال ڪن ٿا، ھاري، مزدور، ننڍا ڪاروبار ڪندڙ ناانصافي ۽ اقرباپروري جي چڪي ۾ پيسجندا رھن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ ننڍا تڪ ھوندا تہ وڌ ۾ وڌ عوام کي نمائندگي ٿي سگھندي. پورھيتن، ھارين ۽ غريب عوام جو آواز اسيمبلين تائين پھچندو. عوامي مفادن جون پاليسيون ٺھنديون.










