سڀن کي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي مستقل 15 سالا حڪمراني ڇو پسند آھي

سڀن کي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي مستقل 15 سالا حڪمراني ڇو پسند آھي

حيدرآباد/ ٽنڊو محمد خان (ويب ڊيسڪ)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ اسٽيبلشمينٽ، نواز ليگ، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آئي کي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي مستقل 15 سالا حڪمراني ڇو پسند آھي. پ پ پ تي اربين روپين جي ڪرپشن جا ڪيس آھن، انڪري ھر حڪم مڃي ٿي.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي سٺي سوديبازي ڪندڙ ۽ بهترين قيمت ادا ڪندڙ آهي، ڊيل وقت ڪجھ بہ ڏئي سگھي ٿي. سنڌ جي ترقي ۽ وسيلن کان پيپلز پارٽي مڪمل لاتعلق آھي، انڪري سمورا عالمي ۽ وفاقي فيصلا ھڪدم قبول ڪريو وٺي اياز لطيف پليجي چيو تہ پورٽ ڪوئلو گئس، پيٽرول معدني وسيلن سان مالا مال سنڌ جا وارث اذيت واري زندگي گذاري رهيا آهن خوشحال ماڻهو بدحال ٿي ويا آهن، زرداري مافيا ۽ پيپلزپارٽي جي گذريل سنڌ حڪومت سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو، ڊجيٽل آدمشماري ذريعي سنڌين کي اقليت م تبديل ڪرڻ جي سازش ۾ سھولتڪاري جو اھم ڪردار ادا ڪيو، پيپلز پارٽي اقتدار لاء سنڌ جي وحدت کي داءُ تي لڳائڻ ۾ ڪا بہ قصر نہ ڇڏي، پيپلز پارٽي اقتدار جي عارضي مفادن لاء سنڌ جي پٺ ۾ خنجر ھنيا. پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي ناڪام ۽ عوام دشمن پاليسي رھي اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ اڳ ۾ معاشي بحرانن مان گذري رھيو آھي، عوام مھانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رھي آھي، وڌيڪ اشتعال انگيز پاليسيون نہ جوڙيون وڃن، نہ تہ مجبور ٿي ماڻھو رستن تي ايندا، جنھن کانپوءِ مجبور ماڻھو رستن تي اچي حڪومت جو ھلڻ مشڪل بنائي ڇڏيندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ غير ملڪي ھٿ اسان جي امن ۽ معيشت کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن، سنڌ ۾ غيرقانوني پرڏيھين سان رڳو سنڌ ۽ پاڪستان جي اقتصاديات کي خطرو ناھي، بلڪہ اھي ھتي لاقانونيت، دھشتگردي ۽ منشيات آڻين ٿا ۽ سڀ کان وڏو نقصان تہ اھي اسانجي رواداري، امن، عقل، محبت ۽ سھپ وارين روايتن کي تباھ ڪري مليٽنٽ انتھاپسندي پيدا ڪري رھيا آھن. ھوڏانھن ٽنڊو محمد خان : قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي پريس ترجمان اشرف پليجي پنهنجي پريس پڌرائي ۾ڄاڻايو آهي تہ قومي عوامي تحريڪ ٽنڊو محمد خان ضلعي پاران ڪوڙي ڊجيٽل آدمشماري، مھنگائي، ڪرپشن،بدامني ۽ لاقانونيت خلاف پريا ڪماري سميت سمورن مغوين جي بازيابي، شھيد جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ قومي عوامي تحريڪ ٽنڊو محمد خان ضلعي پاران خميس جي ڏينهن اڄ منجھند 2 وڳي ڊي سي ٽنڊو محمد خان کان ايوبيہ ھوٽل ٽنڊو محمد خان تائين قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي پيادل مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويندو جنھن ۾ سوين سنڌياڻين سميت ھزارين ماڻھن شرڪت ڪندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو