ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) قانون واري صوبائي وزير عمر سومرو چيو آهي ته پريا ڪماري سميت سمورن مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ڌاڙيلن خلاف ڪچي ۾ آپريشن ضرور ٿيندو، پريا ڪماري جي اغوا وقت مقرر ايس ايس پي ٻن سالن کانپوءِ ٻيهر موٽي آيو آهي،قانون واري وزير عمر سومرو ڪنڌڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ايس پي سکر چيو آهي ته پريا ڪماري ضرور بازياب ٿيندي، پوليس جي ڪارڪردگي افسوسناڪ آهي،هن چيو ته راڻيپور جي حويلي ۾ ٻارڙي فاطمه کي قتل ڪرڻ واري ڪيس جي جاچ دوران پوليس جوابدار جي موبائيل فون ان لاڪ نه ڪري سگهي آهي، شهرن ۾ هٿياربندن جي پريڊ ڪرائيندڙ سردارن ۽ وڏيرن خلاف ڪارروائي ٿيندي، صوبائي وزير عمر سومرو ان کان اڳ ڪنڌڪوٽ ۾ مغوين جي وارثن ۽ هندو ڪميونٽي جي اڳواڻن سان گڏجاڻي به ڪئي، وارثن ۽ اڳواڻن پاران مغوين جي بازيابيءَ لاءِ رينجرز جي مدد سان آپريشن شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو 9 مهينا اڳ اغوا ٿيل عورت نازيه کوسو ۽ سندس نياڻي ڪوثر کوسو جي وارثن جي به گڏجاڻي ۾ شرڪت، هندو ڪميونٽي جي اڳواڻن صوبائي وزير کي مخاطب ٿيندي چيو ته ضلعي ۾ بدامني سبب هندو خاندان ڀارت ڏانهن لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن










