ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سوئي سدرن گئس ڪمپني (ايس ايس جي سي) سڄي سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنون 24 ڪلاڪن لاءِ بند رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.سڄي سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنون آچر جي صبح 8 وڳي کان سومر جي صبح 8 وڳي تائين بند رهنديون.ياد رهي ته گذريل آچر تي به سڄي سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنون ساڳئي شيڊول تي بند رهيون.










