ڪراچي جي عوام کي ماضي جي حڪمرانن ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي عوام کي ماضي جي حڪمرانن ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو آھي ته ڪراچي جي عوام کي ماضي جي حڪمرانن ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي ،نوجوان مھانگائي ،بيروزگاري کان تنگ ٿي خودڪشيون ڪري رهيا آهن،ڪراچي شھر جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ ء بيروزگار نوجوانن کي روزگار ڏيڻ لاء شھري فنڪشنل ليگ ء سندس قيادت جا ھٿ مظبوط ڪن،اھڙن خيالن جو اظھار ھن فنڪشنل ليگ ھاوس م مختلف پارٽين جي ڪارڪنن ء شھرين جي شموليت واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو،ان موقعي تي فنڪشنل ليگ سنڌ جو رابطا سيڪريٽري عبدالڪريم شر،ضلعي سينٽرل جو صدر ارمان فياض،جنرل سيڪريٽري ذاڪر پٽني ء ڪنور وجاھت ب موجود ھئا،سردار عبدالرحيم شموليت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪندي چيو ت شھرين کي ڪي اليڪٽرڪ ،پاڻي مافيا حوالي ڪيو ويو آهي ،بدترين لوڊشيڊنگ باوجود ھزارين ء لکين رپين جا بل شھرين ڏي موڪليا ٿا وڃن،شھرين کي پئيڻ جو صاف پاڻي نٿو ملي،شھري ٽينڪر وسيلي پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آھن،ھن چيو ت نوجوان غربت ،بيروزگاري, مھانگائي سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن،ھن سمورن مسئلن جا ذميدار ماضي جا حڪمران آھن،جن عوام کان ووٽ وٺي سمورا مسئلا انھن کي تحفي طور ڏنا آھن،ھاڻي وقت اچي ويو ت شھري پنھنجن مسئلن جي حل لاء فنڪشنل ليگ ء ان جي قيادت جا ھٿ مظبوط ڪري.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو