نوشھرو فيروز (ن س)ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ حاجي خان گوپانگ ۾ گذريل رات دير سان نامعلوم ھٿياربندن 30 ورھين جي نوجوان راشد گوپانگ کي گھر اندر گوليون ھڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا زخمي نوجوان کي تعلقه اسپتال آندو پئي ويو ته رستي ۾ فوت ٿي ويو ڪنڊيارو پوليس لاش کي تحويل ۾ وٺي تعلقه اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جنھن کي وارث ڳوٺ کڻائي ويا نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي روڄ راڙو پئجي ويو،ٻئي پاسي مقتول نوجوان راشد گوپانگ جي امڙ حاجاڻي جي فرياد تي نياڻي سميت ٻن سڃاتل ۽ ٻه اڻڄاتلن مٿان ڪنڊيارو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو،ڪيس ۾ شعبان ڪلھوڙو فاروق ڪلھوڙو ۽ 2 نامعلوم شامل آھن آخري اطلاعن موجب ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي ھئي










