سنڌ ۾ پهرين سيپٽمبر تي عام موڪل جو اعلان

سنڌ ۾ پهرين سيپٽمبر تي عام موڪل جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پهرين سيپٽمبر تي صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صوفي بزرگ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس جي موقعي تي پهرين سيپٽمبر جمعي جي ڏينهن سنڌ ۾ عام موڪل هوندي.جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پهرين سيپٽمبر تي سموري صوبي ۾ سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارا بند رهندا. جڏهن ته وفاق طرفان موڪل جو اعلان نه ڪرڻ سبب مرڪزي بينڪ سميت ٻيون واپاري بينڪون ۽ ڪاروباري جڳهيون کليل رهنديون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو