سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري،جسقم ريلي

سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري،جسقم ريلي

درياخان مري( ارباب مـري) جسقم يونٽ درياخان مري پاران سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري ۽ سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف درياخان مري سداواھ موري کان ڦل اسٽاپ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ضلعي نوشھروفيروز جي نائب صدر عطا حسين شر  ۽ جسقم يونٽ درياخان مري جي صدر سارنگ کوکر نائب صدر حاجي ميھرالدين خاصخيلي جنرل سيڪريٽر نظر جلباڻي پريس سيڪريٽري فرحان انصاري خزانچي زاھد حسين عمراڻي جي اڳواڻي ۾ سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ پڊعيدن جي جسقم اڳواڻن انعام گل مري وسيم سولنگي ثناالله لاشاري اسد لاشاري منصور چانڊيو حاڪم شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي ريلي کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي ۽ مختلف طريقن سان يونيورسٽين مان نياڻين جو قتلام وارو سلسلو بند ڪيو وڃي ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ وارن لاء آرٽيڪل ٿا ٺاھيا وڃن سنڌ سنڌي قوم جو تاريخي وطن آھي سنڌ امڙ جو ورھاڱو ڪنھن به صورت ۾ قبول ناھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو