واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي رياست هوائي ۾ باهه لڳڻ سبب فوتين جو انگ 80 ٿي ويو آهي، جڏهن ته درجنين ماڻهو اڃا تائين لاپتا آهن.آمريڪي ميڊيا موجب تباهه ٿيل گهرن ۽ عمارتن ۾ لاش ملڻ سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي.اختيارين جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ سبب ساڍا 5 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي. ٻئي طرف متاثرين تباه ٿيل سياحتي مقام لاهينا ڏانهن واپس اچي رهيا آهن.حسين ٻيٽ ۾ بم ڌماڪي کان ٻاهر جا منظر آهن، باهه 2 هزار کان وڌيڪ عمارتن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي.










