پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي نگران ڪابينا جي 25 ميمبرن جون استعيفائون منظور ڪري ورتيون آهن. نوٽيفڪيشن موجب استعيفيٰ ڏيندڙ ڪابينا ميمبرن ۾ 14 نگران وزير، 11 صلاحڪار ۽ خاص مددگار شامل آهن.خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير اعظم خان وزيرن جي استعيفيٰ جي سمري گورنر کي موڪلي ڇڏي هئي، وڏي وزير اليڪشن ڪميشن جي هدايتن تي سمورن وزيرن کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو هو.ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران وڏو وزير نئين ڪابينا لاءِ غير سياسي ماڻهن جي چونڊ ڪندو، وڏو وزير هڪ هفتي اندر نئين ڪابينا جو اعلان ڪندو.نگران وڏي وزير ڪابينا ميمبرن کي چانهه جي دعوت ڏني ۽ انهن جون استعيفائون منظور ڪري ورتيون.اليڪشن ڪميشن وڏي وزير کان سياسي وابستگي رکندڙ وزيرن کي ڪابينا مان ڪڍڻ جو مطالبو ڪيو هو، جنهن تي وڏي وزير صلاح مشوري کانپوءِ ڪابينا ميمبرن کي استعيفيٰ ڏيڻ جو چيو هو.










