نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي حڪومت خلاف بي اعتمادي واري رٿ ناڪام ٿي وئي آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب حڪومتي اتحاد کي 331 سيٽون مليون آهن ۽ اپوزيشن اتحاد کي لوڪ سڀا ۾ 144 سيٽون حاصل آهن.ڀارتي لوڪ سڀا ۾ حڪومت خلاف بي اعتمادي واري رٿ تي بحث دوران وزيراعظم نريندر مودي پنهنجي تقرير شروع ڪئي ته مخالف ڌر جا ميمبر واڪ آئوٽ ڪري ايوان مان نڪري ويا،مودي اپوزيشن پاران پيش ڪيل بي اعتمادي واري رٿ جي مسئلي تي لوڪ سبھا ۾ 2 ڪلاڪ 13 منٽ ڊگھي تقرير ڪئي.مخالف ڌر جي واڪ آئوٽ کانپوءِ اسپيڪر بي اعتمادي واري رٿ تي زباني ووٽ ورتو، جنهن بعد ان کي رد ڪيو ويو.لوڪ سڀا ۾ ڀارتي وزيراعظم مودي مني پور فسادن تي بيان ڏيندي چيو ته رياستي ۽ مرڪزي حڪومتون ڪوششون ڪري رهيون آهن ته جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، مان توهان کي يقين ڏيان ٿو ته مني پور ۾ جلد امن بحال ڪيو ويندو. مان عورتن ۽ ڌيئرن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ملڪ اوهان سان گڏ آهي.لوڪ سڀا ۾ ٽن ڏينهن جي بحث کان پوءِ، حڪمران اتحاد آساني سان اپوزيشن جي بي اعتمادي واري رٿ کي شڪست ڏئي ڇڏي.26 جولاءِ تي مني پور واقعي جي بنياد تي مخالف ڌر جي اتحاد ڀارت حڪومت خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪئي، ڀارتي وزيراعظم مودي کي پنهنجي 9 سالن جي دور ۾ ٻيو ڀيرو بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪئي وئي.2018ع ۾ مودي خلاف پهرين بي اعتمادي واري رٿ پيش ڪئي وئي. هوء پڻ ناڪام ٿي.










