ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ لاپته ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ بابت درخواستن تي آئي جي سنڌ ۽ ٻين کي جاچ لاءِ ايس پي رينڪ جو آفيسر مقرر ڪندي سنجيده قدم کڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي خميس تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ جسٽس مسز ڪوثر سلطانه حسين تي ٻڌل بئنچ ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران جمشيد ڪوارٽرز جي علائقي مان 11 سالن کان لاپته شهري علي جي زال روئڻ لڳي عورت جي روئڻ تي عدالت جو ماحول ڏکارو ٿي ويو عورت روئندي چيو ته مڙس 11 سالن کان گم آهي آخر ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي ان جي سزا ئي ختم نه پئي ٿئي اڪيلي عورت جو هن معاشري ۾ رهڻ ڪيترو ڏکيو آهي ڪنهن کي اندازو آهي؟ جيڪڏهن مدد به ڪنهن کان گهران ته اهو بدلي ۾ ڪجهه نه ڪجهه گهري ٿو عورت جي بيان تي عدالت پوليس ۽ گهرو کاتي تي ڪاوڙ ڪئي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ريمارڪس ڏنا ته جي آئي ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس آخرڪار ڇا ٿي ڪري ڇا سڀ ماڻهو رڳو پگهار وٺڻ لاءِ ڊيوٽي ڪن ٿا 11، 11 سالن تائين لاپته شهري جو پتو نٿا لڳائي سگهو ته ڪم ڇو نٿا ڇڏي ڏيو عدالت لاپته ماڻهن جي جاچ لاءِ ايس پي رينڪ جو آفيسر مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو عدالت آئي جي ۽ ٻين کي لاپته ماڻهن لاءِ سنجيدگي سان قدم کڻڻ جو حڪم ڏيندي پوليس ۽ جاچ ادارن کان 5 سيپٽمبر تي رپورٽ گهري ورتي.










