ميجر طفيل محمد شهيد جي يومِ شهادت، مزار تي دعائيه تقريب

ميجر طفيل محمد شهيد جي يومِ شهادت، مزار تي دعائيه تقريب

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)ميجر طفيل محمد شهيد نشان حيدر جو 65 هون يومِ شهادت انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ سندس مزار تي وڏي عقيدت ۽ فاتحه خواني ڪئي وئي. جتي جي او سي بهاولپور ميجر جنرل شاهد پرويز پاڪ فوج جي جوانن طرفان گلن جي چادر چاڙهي، جڏهن ته ضلعي انتظاميا پاران ڊپٽي ڪمشنر سيد آصف حسين شاهه ۽ ڊي پي او وهاري عيسيٰ خان پڻ مزار تي گلن جي چادر چاڙهي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو.ان موقعي تي ميجر طفيل محمد شهيد جي خاندان جي حاضري ۾ سندس درجن جي بلندي لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي، جڏهن ته پاڪ فوج ۽ پوليس جي جوانن شهيد کي سلامي پيش ڪئي.ياد رهي ته 7 آگسٽ 1958ع تي ڀارتي فوج جي اڳڀرائي کي روڪڻ لاءِ ميجر طفيل محمد شهيد اوڀر پاڪستان لڪشمي پور ۾ جرئت ۽ بهادري جي تاريخ رقم ڪئي ۽ ڀارتي پوسٽن جو صفايو ڪري ڇڏيو.غانسن جي جنگ کان پوءِ وطن جي حفاظت ڪندي پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي شهيد جو درجو حاصل ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو