پوليس جي چڙهائي،3 ڄڻا گرفتار،جهيڙو، مڪن لتن ۽ لٺين جو وسڪارو

پوليس جي چڙهائي،3 ڄڻا گرفتار،جهيڙو، مڪن لتن ۽ لٺين جو وسڪارو

نوشھرو فيروز (ن س )ڀريا سٽي ڀرسان مڃٺ ۾ پوليس جي ڪنفيڪشنري دڪان تي چڙھائي 3 ڄڻن کي گرفتار ڪرڻ تان پوليس ۽ رهواسين جو جيهڙو هڪ ٻئي تي مڪن لتن ۽ لٺين جو وسڪارو پوليس ٽن ڄڻن خالد عالماڻي وقاص عالماڻي ڪاشف عالماڻي کي کنڀي وئي, ٺاروشاھ ڀرسان مڃٺ ۾ ٺاروشاھ ۽ تڳر ٿاڻي جي پوليس جي مڃٺ ۾ چڙھائي ٽن ڄڻن کي Z21 گٽڪو نشي آور سوپاريون کپائڻ جي الزام ۾ دڪان تي چڙھائي ڪئي ته پوليس ۽ رهواسين ۾ هٿاپائي ٿي پئي پوليس ۽ ڳوٺاڻن هڪ ٻئي کي ٺاهوڪو ڪٽڪو ڏنو پوليس ٽن ڄڻن کي زبردستي کنڀي وئي ڳوٺاڻن وقار عالماڻي پوڙھو عالماڻي ۽ ٻين چيو ته پوليس بلاجواز دڪان تي چڙھائي ڪري ٽن ڄڻن کي کنڀي وئي آھي جڏھن ته پوليس کي دڪان تان ڪابه نشي آور سوپاري نه هئي پوء به پوليس ظلم ڪري ٽن ڄڻن کي کنڀي وئي آھي ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي ڀريا لونگ خان شر ٻڌايو ته دڪاندار نشي آور سوپاريون دڪان تي کپائي رهيا هئا جنهن سبب ڪاروائي ڪئي سين ته منشيات فروش اسان مٿان حملو ڪيو جنهن سبب ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪيو آھي سندن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو