عورت ميمبرن خلاف ڳالهائڻ تي نه کليس: شيري رحمان

عورت ميمبرن خلاف ڳالهائڻ تي نه کليس: شيري رحمان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پيپلز پارٽي جي سينيٽر شيري رحمان واضح ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ جي عورت پارليامينٽ ميمبرن خلاف ڳالهائڻ وقت مسڪرائي نه ٿي، جيڪڏهن ريمارڪس ٻڌن ها ته مداخلت ڪري ها، مون کان اها غلطي ٿي وئي.سوشل ميڊيا ويب سائيٽ تي پنهنجي بيان ۾ شيري رحمان خواجا آصف جي تقرير جي وڊيو شيئر ڪندي چيو ته هوءَ پنهنجي ساٿي سان نيشنل ايڊاپٽيشن پلان جي منظوري بابت ڪجهه نقطا شيئر ڪري رهي آهي.خواجا آصف جو نالو وٺڻ کانسواءِ شيري رحمان چيو ته جيڪڏهن هوءَ اهي ڳالهيون ٻڌي ها ته پارليامينٽ جي عورت ميمبرن جي توهين روڪڻ لاءِ مداخلت ڪري ها.شيري رحمان جو چوڻ هو ته هن ڳالهه ٻولهه جو صرف آخري حصو ٻڌو پر سوچيم ته ٿي سگهي ٿو اها هڪ ٻئي سان عام سياسي ميچ هئي، خاص طور تي عورتن خلاف نه.پ پ سينيٽر جو چوڻ هو ته هوءَ يقيناً مسڪرائي نه رهي هئي، هو ماحوليات واري منصوبي تي ڪابينا جي اتفاق راءِ تي خوش آهي ڇو ته هن ان تي ڏينهن رات ڪم ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو